رِيتِ بابت
معنيٰ
ريتِي رَسم، راه ريت، پرويز، پَرَ، هَلِي چَلِي، مَرجاتا، وَتِيرو، وَرتاءُ، وَرتارو، هَلت، رواج، دستور، سرشتو، لِيڪو، ڍَنگُ، ڀَتُ، ڍَٻُ، پارُ، طَرحُ، وَجهہ، ڍارُ، نمونو، قسم، پَرڪار، ڊؤل، طريقو، قاعدو، قانون، ورتاءُ.
Custom, usage, habit, manner.
بيتن ۽ وائين ۾
- ساھَڙُ سَڏَ ڪَري، پَرِينءَ ڀَرِ پِرِيتِ مان، نَہ گهِڙان موٽِي وَڃان، تان ڪِي ساھَ سَري، مَرُ جان پَتِ پَري، گِهڙان…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- داسا داڪا دارِي، ھَندارِي ھئا مِ، ھَرِداسا ھِنَ حالَ جا، ھِتي ھوتَ ڏِٺامِ، پِذيرِي ايذِحامِ، پائِي پيچُ پِرِيتِ جو.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- گهُنڊَڙِي نَہ لاھِيو، پاتِيَوَ جا پِرِيتِ سين، ڪو ڏِينھُن تَڳاَيو، رُسَڻَ سَندِيءَ رِيتِ سين.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- آءُ عَجِيبَ اَڳي، سُڻُ حَقِيقَتَ حالَ جِي، چؤُ ڪا باتِ بَيانُ ڪَري، تان مُون تَنُ تَڳي، تُنھِنجِي لالَڻَ لَطِيفُ چئَي،…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- رُٺا ڪِھَڙِيءَ رِيتِ، پَرچَندا پَرِ ڪَنهِين، مَنَ ۾ ڪَري پِرِيتِ، ھَلُ تَہ سَڄَڻَ ڪوٺِيُون.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڪيڏانھَن ڪَري نِيتِيان، مِڙيئِي مَسِيتِ، ھَلِئو وَڃين حَجَ تي، راوَلَ اِي نَہ رِيتِ، پَڪِي کَڻُ پِرِيتِ، تَہ ڪُلَ ۾ ڪَعبو…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- راھُو تُنھِنجي رِيتِ، پَرَکَنڊينَ پَڌِرِي، گَهڻا گهوڙي چاڙِھئا، تو مُسافِرَ مَسِيتِ، پُڇين ڪانَہ وِڏِيتِ، جٖي آئِيا سي اَگهِئا.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- رُٺي رَھي نَہ رِيتِ، پَرچَڻُ پاھَتُ ناھِ ڪو، پَسو مَنجِهہ پِريتِ، جيھائِي جوڙَ وَھي.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- مُون سين مارُوئَڙِيُون، ڪِھَڙِيءَ رِيتِ رُسَندِيُون، چوٽي ۾ جيڙُھ پِئو، پِيَنِ رَتُ ڄَيُون، نيڻين نِنڊَ وِھُ ٿِي، ساري ساڏوھِيُون، ھِتي…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- اِيءَ نَہ مارُنِ رِيتِ، جِيئَن سيڻَ مَٽائِينِ سونَ سين، قَضا آندِيَسِ ڪوٽَ ۾، ڪَندِيَسِ ڪانَہ ڪُرِيتِ، پَکَنِ جِي پِريتِ، ماڙِيءَ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- سِکو سِپُنِ کان، سَرَتِيُون رِيتِ سِڪَڻَ جِي، مَڱَنِ جَرُ مَٿان، اوري ڪَنِ نَہ آسِرو.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- ھيٺِنِ مَٿنِ ھيڪِڙِي، پاسَنِ پُراڻِي، رِيتِ اُنِ جي راءَ کي، سَمي سِيباڻِي، رِيجِهئو رِھاڻِي، ڪَري تَماچِي تَنِ سين.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]