ديکِيندي بابت
معنيٰ
ڏسندي، نظر ڪندي، مُعائنو ڪندي. ڳوليندي، ڍونڍِيندي، تلاش ڪندي. آزمائيندي، امتحان ڪندي. جاچيندي، پرکيندي، سکندي.
While looking, seeing, observing, checking, watching
بيتن ۽ وائين ۾
- کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ، سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ، تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ، جَهڪو…[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو ڪُلَ، تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو جُهلَ، ھُئا جٖي اَمُلَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو ڪِينَ، تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو زِينَ، ھُئا جٖي اَمِينَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو ڪِيئَن؟ جانِبَ مَنجهان جِيئَن، مَحرُومَ ئِي مَرِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]