دارُونءَ بابت
معنيٰ
علاجَ، طِبَ، ٻُڪيءَ، ڦَڪِيءَ، ڊَڀَ، دَرمَلَ.
Drug, medicine, cure, remedy etc

بيتن ۽ وائين ۾
- سيئِي سُورَ طَبِيبَ، جَنِي سُورَ سَڃَ ڪِي، جَو لِکِئو ھُتِ لَطِيفُ چئَي، سوئِي ڪَنِ قَرِيبَ، جٖي نوازِئا نَصِيبَ، دارُونءَ سي…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ پاڻا، لوھُو لِڱَنِ ناھِ ڪِي، سَنڌَ مِڙيئِي ساڻا، دارُونءَ جا داڻا، ڏِنَمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جَي وِڪامي پَدَمَ، سَمُو دَمَ قَدَمَ ، ٿو جالَ پِياري جَکِرو.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جَي وِڪامي نِيلَ، سَمُو ڄامُ سَبِيلَ، ٿو پُوڄُ پِياري پَھِيڙا،[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]