دارُونءَ جي سنڌي معنيٰ
علاجَ، طِبَ، ٻُڪيءَ، ڦَڪِيءَ، ڊَڀَ، دَرمَلَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Drug, medicine, cure, remedy etc
دارُونءَ جا بيتن ۾ حوالا
مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ پاڻا،
لوھُو لِڱَنِ ناھِ ڪِي، سَنڌَ مِڙيئِي ساڻا،
دارُونءَ جا داڻا، ڏِنَمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 8 ]
لوھُو لِڱَنِ ناھِ ڪِي، سَنڌَ مِڙيئِي ساڻا،
دارُونءَ جا داڻا، ڏِنَمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 8 ]
سيئِي سُورَ طَبِيبَ، جَنِي سُورَ سَڃَ ڪِي،
جَو لِکِئو ھُتِ لَطِيفُ چئَي، سوئِي ڪَنِ قَرِيبَ،
جٖي نوازِئا نَصِيبَ، دارُونءَ سي دُرُستُ ڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 4 ]
جَو لِکِئو ھُتِ لَطِيفُ چئَي، سوئِي ڪَنِ قَرِيبَ،
جٖي نوازِئا نَصِيبَ، دارُونءَ سي دُرُستُ ڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 4 ]
دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جَي وِڪامي پَدَمَ،
سَمُو دَمَ قَدَمَ ، ٿو جالَ پِياري جَکِرو.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 25 ]
سَمُو دَمَ قَدَمَ ، ٿو جالَ پِياري جَکِرو.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 25 ]
دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جَي وِڪامي نِيلَ،
سَمُو ڄامُ سَبِيلَ، ٿو پُوڄُ پِياري پَھِيڙا،
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 26 ]
سَمُو ڄامُ سَبِيلَ، ٿو پُوڄُ پِياري پَھِيڙا،
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 26 ]
English Meaning
Drug, medicine, cure, remedy etc