حُضُورِي بابت
معنيٰ
قُرب، نزديڪي، ويجهڙائي، حاضري. (صفت) حضور جو، حضور ۾ پھتل، واصل بِالله. بادشاهي درٻار يا ڪچھري.
Near one, fast, closed, united with high regard
(محبوب جي) حضور ۾ يعني درٻار ۾ پھتل، (محبوب جو) حضور يعني ديدار يا وصال ماڻيندڙ.
بيتن ۽ وائين ۾
- رَنجُورِيَن رُڻِڪَ، سَدا آھي سُورَ جِي، ڪَنھِن جَنھِن ڏُکَ ڏَسائِيا، لَٿِيَنِ ڪِينَ جُڙِڪَ، اِنَ ڀَلارِيءَ ڀُڻِڪَ، نيئِي ھيڪَرَ حُضُورِي ڪِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- داڳُ تُنھِنجو دائِما، ماري مَعذُورِيين، سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، وَڃِج مَ ڏُورِيين، آئُون تو حُضُورِييَن، مَڻِيو وِجهان مَچَ ۾.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- تَنِ نيڻَنِ ڪِي نَيرانِ، جَنِ ساجُهرِ سيڻَ سانڀيٽِئا، جِيءَ جُسي ۽ جانِ، ڪَرَ حُضُورِي حَجُ ڪِيو.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- اِيئَن چَوَندِي ڪيرَ، تَہ ٿِيَسِ ساڃارِي سين سَڄَڻين، دائِمُ اِنَ دَرٻارِ جا، ڦَران پَسِئو ڦيرَ، جَنِ حُضُورِي ھيرَ، ڪَري تَغِيرِيُون…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- ماڻِڪَ چُوڻُو جَنِ جو، ھَنجَ حُضُورِي سي، چِلُڙَ ۾ چُهِنجَ ھَڻِي، مَڇِي کِينِ نَہ اِي، لوڪَ نَہ لَکِئا تي، جيلانھَن…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- ٿِئو حُضُورِي ھاڻِ، سوجها پييَسِ سَرَ جِي، کُنڊي لَڌِي کاڻِ، پَکِيئَڙي پاتارَ ۾.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان لا شَڪُ ٿِيءُ، اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، پاڪُ نِھاري پِيءُ، ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌيِ، جوکي…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]