جِندَڙي بابت
معنيٰ
جيون، جانِ، حياتي، زندگي، بدن. جسم، تن، ساھ ضمير خود، پنڊ، پاڻ، پنھنجي سِر.
Life
بيتن ۽ وائين ۾
- ڌَڳايومِ ڌَنئِين، ڄيرو اَندَرِ جِندَڙي، لَڳِي سِيخَ وُجُودَ ۾، سَندي نِينھَن نَئِين، مُشاھِدي تَھِين، مُون کي وِڌو مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي، سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن، مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- اَئِين اَچِي پَسو جيڏِيُون، ھِي جو حالُ مُنھِنجي جِندَڙي، پائي وِئَڙا پيرَ ۾، مَنجهان کَرَسَ کَسو، آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي،…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو ساھُ سَيِّدَ کي ٿو ساري، جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي، جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو…[ سُر ديسي - وايون ]
- سُورَ مَ ڏي ڌُوڻَ آئُون اَڳيئِي ڪانھِري، ڦَٽَ اَڳيئِي ڦَٽِيا، تُون لَپُون آڇِ مَ لُوڻَ، جا پَرِ پَروڻَ، سا پَرِ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- غَينَئُون غُربَتَ جِندَڙي، سَدا سَناسِيَنِ، ڊِڄئو ڊاءِ اللهَ جي، پُورَنِ ۾ پَچَنِ، ريءَ رُخصَتَ رامَ جي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجَهنِ، إِنَّ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ڪِھَڙو ٿِئو سُنَّتَ جو، طالِبَ مَٿي تاءُ، پَرڻو ڦاھِي جِندَڙي، مَنجِهہ مُنجهائي ساھُ، گهُري جو اللهُ، سو ھِنيُون ھورَنِ گَڏِئو.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]