جُهوڙا بابت
معنيٰ
سُٽ يا پَٽَ جا رنگين ڦُندڻَ، جهاٻا، ٽؤنر. وانگوڙا. وارن جا چوٽا.
Colored tassels made from cotton or silk.

بيتن ۽ وائين ۾
- جُهوڙا جَنِ جُهلُنِ ۾، ھيري لَکَ ھَزارَ، وِڙِھِئا واٽَ وَڻَنِ جا، پُنهونءَ کي پالارَ، آن ڪي ويندا گَڏِئا، ايھِيءَ سِٽَ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾ جَڙِيائُون جُهوڙا، مِنَٿَ مُون مَعذُورِ جِي، مَڃِئائُون نَہ مُوران، ساٿِي سَنڀوڙا، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- اللهَ جِي آسَ ڪَري، ھَلِئو ھِئائِين، چارَڻَ ٻَڌا چَنۡگَ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين، ڏُئِلِي راءِ ڏِياچَ جِي، ڏُوران ڏِٺائِين، وينَتِيُون…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڳَورا ۽ ڳُوڙھا، سَڄَڻَ ڊاکَ ڇُڳَنِ جِيئَن، مُڪائُون مَحَبتَ جا، جهاٻا ۽ جُهوڙا، سَچُ ڪِ نِڀُوڙا، سَڄَڻَ اَچِي سَڃِيين.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]