جُهوڙا جي سنڌي معنيٰ
سُٽ يا پَٽَ جا رنگين ڦُندڻَ، جهاٻا، ٽؤنر. وانگوڙا. وارن جا چوٽا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Colored tassels made from cotton or silk.
جُهوڙا جا بيتن ۾ حوالا
جُهوڙا جَنِ جُهلُنِ ۾، ھيري لَکَ ھَزارَ،
وِڙِھِئا واٽَ وَڻَنِ جا، پُنهونءَ کي پالارَ،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، ايھِيءَ سِٽَ سُوارَ،
ويئِي ڪالَهہ قَطارَ، تُون آئِي اَڄُ نِھارِيين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 22 ]
وِڙِھِئا واٽَ وَڻَنِ جا، پُنهونءَ کي پالارَ،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، ايھِيءَ سِٽَ سُوارَ،
ويئِي ڪالَهہ قَطارَ، تُون آئِي اَڄُ نِھارِيين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 22 ]
ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾ جَڙِيائُون جُهوڙا،
مِنَٿَ مُون مَعذُورِ جِي، مَڃِئائُون نَہ مُوران،
ساٿِي سَنڀوڙا، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 16 ]
مِنَٿَ مُون مَعذُورِ جِي، مَڃِئائُون نَہ مُوران،
ساٿِي سَنڀوڙا، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 16 ]
اللهَ جِي آسَ ڪَري، ھَلِئو ھِئائِين،
چارَڻَ ٻَڌا چَنۡگَ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين،
ڏُئِلِي راءِ ڏِياچَ جِي، ڏُوران ڏِٺائِين،
وينَتِيُون واحِدَ کي، تَنھِن ويرَ ڪِئائِين،
سَٻاجها سائِين، راءُ ريجهائِين راڳَ سين.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 1 ]
چارَڻَ ٻَڌا چَنۡگَ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين،
ڏُئِلِي راءِ ڏِياچَ جِي، ڏُوران ڏِٺائِين،
وينَتِيُون واحِدَ کي، تَنھِن ويرَ ڪِئائِين،
سَٻاجها سائِين، راءُ ريجهائِين راڳَ سين.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 1 ]
ڳَورا ۽ ڳُوڙھا، سَڄَڻَ ڊاکَ ڇُڳَنِ جِيئَن،
مُڪائُون مَحَبتَ جا، جهاٻا ۽ جُهوڙا،
سَچُ ڪِ نِڀُوڙا، سَڄَڻَ اَچِي سَڃِيين.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 22 ]
مُڪائُون مَحَبتَ جا، جهاٻا ۽ جُهوڙا،
سَچُ ڪِ نِڀُوڙا، سَڄَڻَ اَچِي سَڃِيين.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 22 ]
English Meaning
Colored tassels made from cotton or silk.