جُهوپو بابت
معنيٰ
ننڍڙو ڪکائون گهر، جهڳو، ڀونگو، ڀنگي، جهڳي، ڀونگڙي.
A small cottage, a small home made by wooden sticks.

بيتن ۽ وائين ۾
- اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، جُهوپو سَھي نَہ سِيءُ، سُڻائيجِ سُوَڙَ کي، حالُ مُنھِنجو ھِيءُ، اَڱَڻِ آيو ٿِيءُ، تَہ ڍولا ڪَنھِن ڍَنگِ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- جائُون ڪُجائُون، جُهوپو جهانگِيَڙَنِ جو، سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، ٻيلاسي ٻانھُون، ڏِينھَڪُ وَڃَنِ ڏُٿَ کي، پارا پَراھُون، اُنِين کي آئُون…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- کَٿِيءَ مَنجِهہ کَٽِيائِين، لوئِيءَ ۾ لَڌائِين، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو، پَرَچِي پَنوَهارَنِ سين، لوئِي ڏيجُ لَڌائِين، سِيلُ نِباهِيين سُومَرا، پَنھِنجو…[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- عُمَرَ آئُون مَرِي تان نَہ ڇَڏِيندي، مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي، مِينھين اُٺي مارُئِي، لالَڻَ ساڻُ لَڏِيندي، سِڙِي مُنھِنجِي سُومَرا، ٿَرنِ ڪِينَ…[ سُر مارئي - وايون ]