جُهوپو جي سنڌي معنيٰ
ننڍڙو ڪکائون گهر، جهڳو، ڀونگو، ڀنگي، جهڳي، ڀونگڙي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A small cottage, a small home made by wooden sticks.
جُهوپو جا بيتن ۾ حوالا
اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، جُهوپو سَھي نَہ سِيءُ،
سُڻائيجِ سُوَڙَ کي، حالُ مُنھِنجو ھِيءُ،
اَڱَڻِ آيو ٿِيءُ، تَہ ڍولا ڪَنھِن ڍَنگِ ٿِيان.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 2 ]

جائُون ڪُجائُون، جُهوپو جهانگِيَڙَنِ جو،
سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، ٻيلاسي ٻانھُون،
ڏِينھَڪُ وَڃَنِ ڏُٿَ کي، پارا پَراھُون،
اُنِين کي آئُون گَڏِ تَہ گُوندَرِ نَہ پَوان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 20 ]

عُمَرَ آئُون مَرِي تان نَہ ڇَڏِيندي، مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي،
مِينھين اُٺي مارُئِي، لالَڻَ ساڻُ لَڏِيندي،
سِڙِي مُنھِنجِي سُومَرا، ٿَرنِ ڪِينَ ٿڪيندي،
حَمِيراڻا هَٿَڙا، مِھرِي ڪِينَ مَڃِيندِي،
جُهوپو جهانگِيَڙَنِ جو، ماڙيءَ سين نَہ مَٽِيندي.
[ سُر مارئي، وايون، 17 ]

کَٿِيءَ مَنجِهہ کَٽِيائِين، لوئِيءَ ۾ لَڌائِين،
مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو،
پَرَچِي پَنوَهارَنِ سين، لوئِي ڏيجُ لَڌائِين،
سِيلُ نِباهِيين سُومَرا، پَنھِنجو پِيءُ پُڇِيائين،
جُهوپو جهانگِيڙنِ جو، ماڙِيءَ سين نَہ مَٽِيائِين،
گولُون گولاڙَنِ تان، جَنپي ساڻُ جَهٽِيائِين،
سَڱَرُ ساهيڙِيَنِ سين، کاٽُونبا کاڌائِين،
مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، چَسا سَڀَ چَکِيائِين،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سِيلُ نِباهِيين تُون سائِين.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 12 ]