جَمِيعَتَ بابت
معنيٰ
صبر. اطمينان. آرام، قرار.
Tranquility, serenity, peace of mind, life.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڌَڌِڪا دَورَ دَرياھَ ۾، جَڏھِن ڪَڙَڪا ڪُنَ ڪِياءِ، ساوَڻَ ۾ سَيِّدُ چئَي، وَڏا مُلِڪَ مَڻِياءِ، ھاڻي ھيٺاھِينءَ وَھين، جَمِيعَتَ ڪَريو…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ھُو پُڻ ڏِينھَن ڏِٺاءِ، ھِي پُڻ سائِرَ سَنبِرين، اَڳَ ٿي ٻوڙِيَئِي ٻَہ ڪَنڌِيُون، ھانِ جَمِيعَتَ وَھين جاءِ، اَچِيو تَڙِ ڍُڪاءِ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ناھِ جَمِيعَتَ جانِ کي، ھوتَ پُڄاڻا ھاڻِ، اللهَ سيئِي آڻِ، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- ناھِ جَمِيعَتَ جانِ کي، ھوتَ پُڄاڻا ھِتِ، پُنهونءَ جِيءَ پِرتِ، ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- ناھِ جَمِيعَتَ جانِ کي، پُنهونءَ پُڄاڻا، سي مُون سِيباڻا، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]