جَمِيعَتَ جي سنڌي معنيٰ
صبر. اطمينان. آرام، قرار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Tranquility, serenity, peace of mind, life.
جَمِيعَتَ جا بيتن ۾ حوالا
ڌَڌِڪا دَورَ دَرياھَ ۾، جَڏھِن ڪَڙَڪا ڪُنَ ڪِياءِ،
ساوَڻَ ۾ سَيِّدُ چئَي، وَڏا مُلِڪَ مَڻِياءِ،
ھاڻي ھيٺاھِينءَ وَھين، جَمِيعَتَ ڪَريو جاءِ،
ھُو بِہ ڏِينھَن ڏِٺاءِ، ھِي بہ سائِرَ سَنبِرين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 34 ]

ھُو پُڻ ڏِينھَن ڏِٺاءِ، ھِي پُڻ سائِرَ سَنبِرين،
اَڳَ ٿي ٻوڙِيَئِي ٻَہ ڪَنڌِيُون، ھانِ جَمِيعَتَ وَھين جاءِ،
اَچِيو تَڙِ ڍُڪاءِ، ڀَتو ڀَتين مَڪُڙا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 35 ]

ناھِ جَمِيعَتَ جانِ کي، ھوتَ پُڄاڻا ھاڻِ،
اللهَ سيئِي آڻِ، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 13 ]

ناھِ جَمِيعَتَ جانِ کي، ھوتَ پُڄاڻا ھِتِ،
پُنهونءَ جِيءَ پِرتِ، ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 14 ]

ناھِ جَمِيعَتَ جانِ کي، پُنهونءَ پُڄاڻا،
سي مُون سِيباڻا، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 15 ]