جوڀَنُ بابت
معنيٰ
جواني، شباب، سونھن، حسن. سينگار. بھارَ. رونَقَ. (يووَڻُ، يوڀن، جوڀن)
The time of youth.
بيتن ۽ وائين ۾
- وِساريجِ مَ ويڻَ، آھي جوڀَنُ ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا، اَصلِ اَسارَنِ جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ، جيڏِيُون جي مُون وِسَھو، نِنڊَ مَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، جوڀَنُ وِئَڙُمِ جاڙَ، آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙِھيڪا ۽ چاڙَھَ، مُون مُٺِيءَ کان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- جوڀَنُ جانِبَ لاءِ، نيئِي وِجُهہ نِڪُوجَ ۾، روئِي رُوپُ وِڃاءِ، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- سَٻَرُ سِيءُ پِئو، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو، نَہ مُون ڪانڌُ نَہ قُوتِ، ھِي، جوڀَنُ وَھِي وِئو، تَنِي حالُ ڪِھو،…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]