جوڀَنُ جي سنڌي معنيٰ
جواني، شباب، سونھن، حسن. سينگار. بھارَ. رونَقَ. (يووَڻُ، يوڀن، جوڀن)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The time of youth.
جوڀَنُ جا بيتن ۾ حوالا
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، جوڀَنُ وِئَڙُمِ جاڙَ،
آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙِھيڪا ۽ چاڙَھَ،
مُون مُٺِيءَ کان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ مَنجِهہ وِلاڙَ،
عُمِرِ سَڀَ اَواڙَ، ويَمِ تي واڪا ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 5 ]
آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙِھيڪا ۽ چاڙَھَ،
مُون مُٺِيءَ کان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ مَنجِهہ وِلاڙَ،
عُمِرِ سَڀَ اَواڙَ، ويَمِ تي واڪا ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 5 ]
جوڀَنُ جانِبَ لاءِ، نيئِي وِجُهہ نِڪُوجَ ۾،
روئِي رُوپُ وِڃاءِ، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 20 ]
روئِي رُوپُ وِڃاءِ، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 20 ]
سَٻَرُ سِيءُ پِئو، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو،
نَہ مُون ڪانڌُ نَہ قُوتِ، ھِي، جوڀَنُ وَھِي وِئو،
تَنِي حالُ ڪِھو، جَنِي نِڌَرَ نِجُهرا.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 7 ]
نَہ مُون ڪانڌُ نَہ قُوتِ، ھِي، جوڀَنُ وَھِي وِئو،
تَنِي حالُ ڪِھو، جَنِي نِڌَرَ نِجُهرا.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 7 ]
وِساريجِ مَ ويڻَ، آھي جوڀَنُ ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا،
اَصلِ اَسارَنِ جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ،
جيڏِيُون جَي مُون وِسَھو، نِنڊَ مَ ھيرِئو نيڻَ،
لوٺِيُون سَھَنِ لوڪَ جا، وِھاڻِيءَ ٿِيُون ويڻَ،
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، جَهلِ تُون نِنڊان نيڻَ،
راتِڙِيُون جاڳَنِ جٖي، سي آئُون ڪَندَڙِي سيڻَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 9 ]