جوڀَنَ جي سنڌي معنيٰ
جواني، شباب، سونھن، حسن. سينگار. بھارَ. رونَقَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The time of youth.
جوڀَنَ جا بيتن ۾ حوالا
سيئِي جوڀَنَ ڏِينھَن، جَڏھِن سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا،
رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن،
مُون کي چاڙھي چِيئَن، وِئو وَڻِجارو اوھَري.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 9 ]
رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن،
مُون کي چاڙھي چِيئَن، وِئو وَڻِجارو اوھَري.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 9 ]
ڪَڍِئا جٖي ڪُلالَ، سي پَسِي خالَ خُوشِ ٿِي،
پاڻِيءَ چِٽَ پُسائِيا، ڌاءَ نَہ جَهلي ڌَمالَ،
سُپَڪَ ڀانيان سُهڻِيءَ، جوڀَنَ جي جَمالَ،
آکي جا اَحوالَ، مَعلُومُ ٿِئا مَھِراڻَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 11 ]
پاڻِيءَ چِٽَ پُسائِيا، ڌاءَ نَہ جَهلي ڌَمالَ،
سُپَڪَ ڀانيان سُهڻِيءَ، جوڀَنَ جي جَمالَ،
آکي جا اَحوالَ، مَعلُومُ ٿِئا مَھِراڻَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 11 ]
سُھاڳُ پِہ سَنبِران، ڏُھاڳُ پہ ڏِٺومِ،
سَرَتِيُون ڪَنھِن سَڀَاڳَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
ڍيلي ڍولُ وِئومِ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 19 ]
سَرَتِيُون ڪَنھِن سَڀَاڳَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
ڍيلي ڍولُ وِئومِ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 19 ]
آيَمِ مَنجِهہ ڏُھاڳَ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا،
مَڻيي سَندي مامِري، لَکين ڀَڳا لاڳَ،
آئُون سِڪان کي سُھاڳَ، پِرِين پَرچَڻِ جِي نَہ ڪَري.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 9 ]
مَڻيي سَندي مامِري، لَکين ڀَڳا لاڳَ،
آئُون سِڪان کي سُھاڳَ، پِرِين پَرچَڻِ جِي نَہ ڪَري.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 9 ]
English Meaning
The time of youth.