اُونداھِيءَ بابت
معنيٰ
اُوندھِ. تاريڪي. ڪاري رات، اماس.
Dark, dark night, black.
بيتن ۽ وائين ۾
- اُونداھِيءَ اَڌ راتِ ۾، پِرِينءَ پَسايو پاڻُ، چَنڊُ ڪَتِينُ ساڻُ، پيھِي وِئو پَڙِلاءَ ۾.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ماڻِڪُ ڦُٽِرو، توڙي ھِيرو ھوءِ، جوھَرُ اِنَ ياقُوتَ جو، اُھِسُ اڳاھُون پوءِ، ماڻِڪُ مُحَّمَدُ ھوءِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي، ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي، مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ، اَڳِئان اُونداھِيءَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا سَيِّدَ شيرَ، سِجُ اُلَهِي سانجِهي ٿِي، مُنھَن اُونداھِيءَ ميرَ، ھَڻَنِ ھاتِڪَنِ کي، پانَوَ ڀَري پيرَ، ماري…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو، حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ، ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- جوڳِي اِيئَن جَهرَڪِئو، جِيئَن اُونداھِيءَ ۾ آڳِ، آديسِي عِشقَ جِي، لائي آيو لاڳِ، ويٺو تَنھِن سَڀاڳِ، جِيئَن ڪوسُ ڏِھاڙِي ڪاڪِ…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- ڏورَڻُ گهَڻو ڏاکَڙو، ڏورِ مَ ڏِييان ڌارَ، ڪوڙيِين لَکَ ھَزارَ، اِنَ اُونداھِيءَ اَنڌا ڪِئا.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- وَڏِي تان اِنَ واٽَ ۾، ٻيلَپَ ٻِيائِي، آھي اُونداھِيءَ جو، شِرڪُ سَھائِي، چِٽِي چِٽائِي، اَلِفَ جي عَينَڪَ ۾.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]