اَڳاھِين بابت
معنيٰ
آڳاٽي وقت کان، اڳي کان. اڳھڻو يا اڳھڻي، بنھ اڳي
By eons, ancient
بيتن ۽ وائين ۾
- دَران مَنجِهہ دوسُ ٿِئو، موٽِي پُڇُ پانھِين، عَبَثُ اَڳاھِين، وَڃِئو ڪُوڪِين ڪانڌَ کي.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- مَڇُڻ ٿِيين مَلُورَ، ڪِينَ اَڳاھِين، آھِين، ڏِسَڻَ ڪَري ڏُورِ، حَدَ ٻِنِهِي جِي ھيڪِڙِي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ڪيچُ جيڏاھِين جيڏِيُون، آھيم آسَ اوڏاھِين، بَندِيءَ جِي بازارِ ۾، شالَ مَ پَوي پانھِين، ھاڙِھي وَڃِي ھوتَ ڏي، ٿيِندِيَس ڏاھِ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- اللهَ سائِين، سائِين ! پُئان پِرِيَنِئُون مَ پاھِين، وَڏِي آسَرَ آھِين اَسانھِين، جِتي ديرو دوسِتَ جو، سا ڪِيئَن ڀُون اَڳاھِين،…[ سُر آسا - وايون ]