اَندوھُ بابت
معنيٰ
رنج، غم، ڏک، ارمان، فڪر، ڳڻتي. خيال، اُڊڪو. انتظار
Sorrow, grief, misery, affliction
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوھُ، ڳَنُ وَڍِيندَڙَ ھَٿَ ۾، پَسِئو پَرِ عَظِيمَ جِي، لِچِئو وَڃي لوحُ، عاشِقَنِ اَندوھُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- دائِمُ جَا دَرياھَ ۾، سا مَڇِي ڪِنِي ڪوھُ، آھيسِ اِيءُ اَندوھُ، پاڻِي ڪِٿي تَہ پِيان.[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- اِيءُ ڏٺوئِي ڏوھُ، جِيئَن رامُ ڪوٺِيين رَحمانَ کي، جو ھادِيءَ چَيو حَبِيبَ تي، سو ڪَلمُو ڪَھين نَہ ڪوھُ، اَطِيطَنِ اَندوھُ،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ڏائي چَڙِھِي ڏارَ تي، ڪا جَا لاتِ لَتِي، آتَڻَ مَنجِهہ اَندوھُ ٿِئو، سَگهي ڪانَہ ڪَتِي، ويڙِھي مَنجِهہ وَتِي، ڪِي جو…[ سُر پورب - ڪانگ ]