ايرادي بابت
معنيٰ
اِرادي. خواهش، مرضي. رَبّ جي رضا. قسمت، نصيب.
Wish or will of God, act of God. Wish and will.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن اَمُرُ ڪِئو اَحَدَ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ، دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو ايرادي…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- پَرٽَنِ جي پاڙي، جاڙَ گُذارِيُمِ جيڏِيُون، جَنِي مُون کي مارِئو، سُورَنِ سين ساڙي، ايرادي آڻي، سانگِيَنِ سين سَڱُ ڪِئو.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- نَڪو ڏوھُ ڏيرَنِ جو نَڪو پُنهون پَنگُ، ايرادي اللهَ جي، اَڳُ وَھايو اَنگُ، تيلاھِين ٻَڌِي تَنگُ، ڇُلي پيٺِيَسِ ڇَپَرين.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ٻاروچي سان ٻَڙِي جيڏِيُون، ھيڪَر ٿِيان ھيڪاندِي، چَڙِھِي نَہ سَگهان چوٽِيين، يارَ بِنان دِلِ ماندِي، پورِھِيَتِ پُنهونءَ ڄامَ جِي، باندِيَنِ…[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- مارُئِي نَہ ڄائِي، تَہ مارُو نَہ پِئا مامِري، ديسُ ڇَڏي پَرَديسَ ۾، ڪَنھِن ايرادي آئِي، جا ڄارِيُنِ ۾ ڄائِي، تَنھِن…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]