ايرادي جي سنڌي معنيٰ
اِرادي. خواهش، مرضي. رَبّ جي رضا. قسمت، نصيب.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Wish or will of God, act of God. Wish and will.
ايرادي جا بيتن ۾ حوالا
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن اَمُرُ ڪِئو اَحَدَ،
مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو ايرادي اَڌَ،
جيڪِي آيسِ ڏُونھِن عَدَدَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 7 ]
مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو ايرادي اَڌَ،
جيڪِي آيسِ ڏُونھِن عَدَدَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 7 ]
پَرٽَنِ جي پاڙي، جاڙَ گُذارِيُمِ جيڏِيُون،
جَنِي مُون کي مارِئو، سُورَنِ سين ساڙي،
ايرادي آڻي، سانگِيَنِ سين سَڱُ ڪِئو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 10 ]
جَنِي مُون کي مارِئو، سُورَنِ سين ساڙي،
ايرادي آڻي، سانگِيَنِ سين سَڱُ ڪِئو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 10 ]
نَڪو ڏوھُ ڏيرَنِ جو نَڪو پُنهون پَنگُ،
ايرادي اللهَ جي، اَڳُ وَھايو اَنگُ،
تيلاھِين ٻَڌِي تَنگُ، ڇُلي پيٺِيَسِ ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 15 ]
ايرادي اللهَ جي، اَڳُ وَھايو اَنگُ،
تيلاھِين ٻَڌِي تَنگُ، ڇُلي پيٺِيَسِ ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 15 ]
ٻاروچي سان ٻَڙِي جيڏِيُون، ھيڪَر ٿِيان ھيڪاندِي،
چَڙِھِي نَہ سَگهان چوٽِيين، يارَ بِنان دِلِ ماندِي،
پورِھِيَتِ پُنهونءَ ڄامَ جِي، باندِيَنِ جِي آئُون باندِي،
پَھچائِجِ پُنهونءَ کي، ھِيءَ پِيادِي پانڌِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، آئُون ايرادي آندِي،
ڪَرَمَ ساڻُ ڪَرِيمَ جي، ڪيچِي ٿِيندَمِ ڪانڌِي.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 14 ]

مارُئِي نَہ ڄائِي، تَہ مارُو نَہ پِئا مامِري،
ديسُ ڇَڏي پَرَديسَ ۾، ڪَنھِن ايرادي آئِي،
جا ڄارِيُنِ ۾ ڄائِي، تَنھِن جو پَرَوَرَ پَنُ رَھائِيين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 5 ]
ديسُ ڇَڏي پَرَديسَ ۾، ڪَنھِن ايرادي آئِي،
جا ڄارِيُنِ ۾ ڄائِي، تَنھِن جو پَرَوَرَ پَنُ رَھائِيين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 5 ]
English Meaning
Wish or will of God, act of God. Wish and will.