آرو بابت
معنيٰ
مرضي، منشا، آرُ، پيارُ، قربُ. حُب، سِڪَ. دِل جو لاڙو. خواهش. لاڏُ، ٻار جو انگل.
Wish, longing, love, affinity, wish of heart. The nest or eggs on which a hen sits.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، پَسي مَچُ مَ موٽُ، سَھائي سُپَيرِيَن جي، گِهڙُ تَہ ٿِئَين گهوٽُ، اَڃا تُون آروٽُ، کُوري خَبَرَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- آروڙِجِي اُٿِئو، ديمِنِ پييَسِ دُکَ، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، عالَمَ تان اَھُکَ، تَنِ سَرَڻِنِ ٿِئا سُکَ، جي اَجهي آيُون اَبِڙي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- آروڙِجِي اُٿِئو، ديِمنِ پيَسِ دانھَن، پاٻُوھِيو پيرُ کَڻي، سَمُو سَرَڻَنِ ڏانھَن، مَٿِئان مَٿي ٻانھَن، اُڀو آڇي سُلطانَ کي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- دائِمُ آھي دَرَ تي، وِڳَندُ ويچارو، عَطُرَ سين آرو، لَڳُسِ تي لِڏِ کَڻي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- اَکَڙِيُنِ آرو، مُونھان پُڇِي نَہ ڪِئو، وَڃِي اُتي اَڙِيُون، جِتِ چَوَڻَ نَہ چارو، ھِينئَڙو ويچارو، واٽُون جَهلِئو وِنجهُلي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- ڳاڙِھو ئِي ڳاڙِھو، ڪارو پَسَنِ ڪِينَڪِي، اَکَڙِيُنِ آرو، وَڃِي ڪِئو لاکَ سين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ رَهَنِ، بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، اَکِيُون رَتُ رُئَنِ، اوٺِي اَباڻَنِ جا، اللهَ ڪي اَچَنِ، مُون…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]