آجِڪو بابت
معنيٰ
روزينو، روزي. روزانو قوت جنھن کان سواءِ جيئرو رهي نہ سگهجي. کاڌو خوراڪ. سَمَرُ،توشو. رزق يا ڪمائيءَ جو ذريعو.
Goods, property, chattels.
بيتن ۽ وائين ۾
- اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، پَکو نَہ، پِيتَمُ، دوسِتَ پُڄاڻا دَمُ، جَا رَھي سا رَنَ ٿِئي.[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، جُهوپو سَھي نَہ سِيءُ، سُڻائيجِ سُوَڙَ کي، حالُ مُنھِنجو ھِيءُ، اَڱَڻِ آيو ٿِيءُ، تَہ ڍولا ڪَنھِن ڍَنگِ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- پُڻ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي اَڄُ اُٻاھَرا، ھُو جي ھَلَڻَ سَندِيُون، ڳاھُون ڳالَهائِينِ، ھوتُ پُنهون ٿا نِينِ، اَسُونھِينءَ جو آجِڪو.[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ، سَدا سُکِ وَسَنِ، طالِبَ تَقدِيرَ تي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ، ڪَڏِھِين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏِھِين ھيٺِ ھَلَنِ، سامِيَڙا سَمُنڊَ ۾، تُنبي جِيئَن تَرَنِ، جٖي واڳُو واتِ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ويٺِي ھِتِ وَڄايان، جِيئَن سَناسِيَنِ سَنکَ، مُھرُن سَندا مِھرِي، لاھَڻَندِي لَکَ، اُنَ اَسان کي آجِڪو، قِيمَتَ ڀانيُون ڪَکَ، سَندا ٻيڙِنِ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]