آجِڪو جي سنڌي معنيٰ
روزينو، روزي. روزانو قوت جنھن کان سواءِ جيئرو رهي نہ سگهجي. کاڌو خوراڪ. سَمَرُ،توشو. رزق يا ڪمائيءَ جو ذريعو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Goods, property, chattels.
آجِڪو جا بيتن ۾ حوالا
اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، جُهوپو سَھي نَہ سِيءُ،
سُڻائيجِ سُوَڙَ کي، حالُ مُنھِنجو ھِيءُ،
اَڱَڻِ آيو ٿِيءُ، تَہ ڍولا ڪَنھِن ڍَنگِ ٿِيان.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 2 ]
سُڻائيجِ سُوَڙَ کي، حالُ مُنھِنجو ھِيءُ،
اَڱَڻِ آيو ٿِيءُ، تَہ ڍولا ڪَنھِن ڍَنگِ ٿِيان.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 2 ]
پُڻ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي اَڄُ اُٻاھَرا،
ھُو جي ھَلَڻَ سَندِيُون، ڳاھُون ڳالَهائِينِ،
ھوتُ پُنهون ٿا نِينِ، اَسُونھِينءَ جو آجِڪو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 22 ]
ھُو جي ھَلَڻَ سَندِيُون، ڳاھُون ڳالَهائِينِ،
ھوتُ پُنهون ٿا نِينِ، اَسُونھِينءَ جو آجِڪو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 22 ]
نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ،
سَدا سُکِ وَسَنِ، طالِبَ تَقدِيرَ تي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 18 ]
سَدا سُکِ وَسَنِ، طالِبَ تَقدِيرَ تي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 18 ]
نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ،
ڪَڏِھِين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏِھِين ھيٺِ ھَلَنِ،
سامِيَڙا سَمُنڊَ ۾، تُنبي جِيئَن تَرَنِ،
جٖي واڳُو واتِ وَڃَنِ، ڪُسَنِ ڪُڇَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 19 ]
ڪَڏِھِين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏِھِين ھيٺِ ھَلَنِ،
سامِيَڙا سَمُنڊَ ۾، تُنبي جِيئَن تَرَنِ،
جٖي واڳُو واتِ وَڃَنِ، ڪُسَنِ ڪُڇَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 19 ]
ويٺِي ھِتِ وَڄايان، جِيئَن سَناسِيَنِ سَنکَ،
مُھرُن سَندا مِھرِي، لاھَڻَندِي لَکَ،
اُنَ اَسان کي آجِڪو، قِيمَتَ ڀانيُون ڪَکَ،
سَندا ٻيڙِنِ ٻَکَ، مارُوءَ ڏيکاري مَران.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 25 ]
مُھرُن سَندا مِھرِي، لاھَڻَندِي لَکَ،
اُنَ اَسان کي آجِڪو، قِيمَتَ ڀانيُون ڪَکَ،
سَندا ٻيڙِنِ ٻَکَ، مارُوءَ ڏيکاري مَران.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 25 ]
اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، پَکو نَہ، پِيتَمُ،
دوسِتَ پُڄاڻا دَمُ، جَا رَھي سا رَنَ ٿِئي.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 1 ]
دوسِتَ پُڄاڻا دَمُ، جَا رَھي سا رَنَ ٿِئي.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 1 ]
English Meaning
Goods, property, chattels.