گُلُ بابت
معنيٰ
ڦُولُ وڻ، ٻوٽي، ٻوڙي جو ڦُل. قسم گُلاب، موتيو، سوسن، سمن، زعفران، ڪَيسر، دائودي، سُنبل، آتشي، نرگس، گونٽو، بِنفشو، ياسمين، جاءِ گل، رتن جوت، خيرو، ٽانگر، ڪيتڪي، چنبيلي، مُگرو، کٽڻھار، نيلو فر، ڪنول، جافري وغيرہ.
Flower, rose, bloom, blossom, floweret, floret.

بيتن ۽ وائين ۾
- ڪوھُ ڄاڻان ڪيڏاهِين، مُنھِنجو تَنُ تَڻِي تيڏاھِين، مِيان سائِين نيڻين نِينھَڙو لَڳائي وِئَڙا، دونھِين دوسِتَ ميھارَ جِي، ڏيئِي جِيئَن ڏِٺائِين،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِئو دُئارُ، ڪوڙيِين سَندو ڪارَڻِي، اَڙِيَنِ جو آڌارُ، وَسِيلو وِلهَنِ جو، سَڀَنِي جو سَردارُ، اِھَڙو راءِ…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِي وِئا دُئارَ، ٻايُون دايُون ٻانِهيُون، پِٽِئو کَڻَنِ پَارَ، پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سورٺِ جا سِينگارَ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَنِ ٿِيُون پِٽِينِ، سَھِسين سورَٺِ جِھَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ، چوٽو چارَڻَ ھَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِئو ڏِينِ، نارِيُون…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- گُلِتانَ جَھِڙِيُون گُجَرِيُون، اَرَمَ اوڍئائُون، جوٽا تيلَ ڦُليلَ سين، واسِينگَ ويڙھِئائُون، سُتِي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، رَڻُو رانيائُون، سو موٽِي ڪِيئَن…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- بييُون بَرتَنُ ناھِ ڪو، کِدا تان نَہ کَڻَن، نَہ گُلُوبَندُ نَہ گودَڙِي، نَہ ڌاڳو ڌَڙڪِنِ، چَڪَرُ چَمِڙو چيلِهہ تي، ٻَهڳُڻَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- جِئائِين جُڙِئو جَکِرو، تَنھِن مِٽِيءَ ڪونِهي مُلُهہ، اِھَڙو گوھَرُ گُلُ، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]