ڪِيَمِ بابت
معنيٰ
مان ڪيون، مان عمل ۾ آنديون، مون کان ٿيو
I've done, I do, I did
بيتن ۽ وائين ۾
- نَہ سي تَڙِ خُراڪَ، نَہ وايُون وَڻِجارَنِ جُون، سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻ چِڪِيَمِ چاڪَ، مارِينِهُون فِراقَ، پاڙيچِيُون پِرِيَنِ جا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- پيھِي جانۡ پاڻَ ۾، ڪِيَمِ رُوحَ رِھاڻِ، نَڪو ڏُونگَرَ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا ڪيچِنِ ڪاڻِ، پُنهون ٿِيَسِ پاڻِ، جانۡ سَسُئِي…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا، ڪِيَمِ آھَ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان سا ڪا، پيئِي ھِيڻِيءَ جِي ھوتَ کي، ڪُوڪَ…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي اينڊَ پَلاڻَ، وِجِهي گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ڏيئِي تَنگنِ تاڻَ، ڪارُون ڪِيَمِ ڪيتِرا، سَنجهي وِئا سَرواڻَ، پُنهون…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- وِندُرَ جَنِ وَڻَنِ سين، ڪِيَمِ سَھِسين سُکائُون، پُنهون وَٺِي پاڻَ سين، اَچان جَي آئُون، وَرَندي وَچائُون، ڏِيان شاخ سَڀَ ڪَنھِن.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- اَڃا پَنڌُ اَڳي ٿِئو، مُڙِئو سِڄُ مَٿان، ڏَڍُ مُنھِنجي ڏِيلَ جو، وِئو ھوتُ ھَٿان، ٻَڌِي ٻاروچو وِئو، جَمَعُ جانِ جَتا،…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ڪِيَمِ نَہ سيڻَ سَھِي، تَہ ڪِ چُلائِيندا ڇَپرين، ٽِلِي ٽَڪَرِ چَڙِهئا، روڏا ڪَري رَئِي، وِئَڙو ساٿُ وِھِي، تو نِنڊائِي نَہ…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيَمِ جالَ، سوڍا مُون کي ڪالَهہ، وٽِي مُنھَن ۾ آيُون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيَمِ جٖي، سوڍا مُون کي سي، موٽِي مُنھَن ۾ آيون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيَمِ جِتِ، سيئِي مُون کي تِتِ، موٽِي مُنھَن ۾ آيُون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڪِيَمِ ڪاپَڙِيَنِ جِي، پِھرِيين ڏِينھِن پَرُوڙَ، سَگها ساٿَ نَہ ھيڪَڙِي، چارَئِي پَھَرَ چُورَ، سَدائِين سَيِّدُ چئَي، ھُونِ سَناسِي ۾ سُورَ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- سَتينءَ راتِ صَحِي، سارِئُمِ سانبِيَڙَنِ کي، تازِي تاسَرِيُنِ ۾، پِيتَمِ موڪَ مَھِي، ڪِيَمِ رِهاڻِيُون ريلَ ۾، ٻيرِيُنِ هيٺِ ٻَھِي، قَيدالماءِ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]