ڪُوڙِيُون بابت
معنيٰ
ڪُوڙُ ڪندڙ، ڪُوڙ ڳالهائيندڙ، جُوٺيون، ڪُساکيون، ڪَذاب، کوٽيون. فريبي، دغابازَ. جعلي، مصنوعي، بناوتي.
Untrue, lying, a liar, false, counterfeit, spurious, inconstant, insincere. By mere report, with doubtful accuracy.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ مَنِ، اُڀِيُون اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ، نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جٖي ريءَ تُرَھي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- جِئان گِهڙي تِئانِ گهيڙُ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون، ڏَمَ سين جُسو ظاھِرا، مَنَ ميھارَ سين ميڙُ، سا نَدِي ڀانئي نيڙُ، جَنھِن…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- جِئان وَھي تِئان واٽَ، ڪَپرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون، جَنِ کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سي گهيڙَ نَہ پُڇَنِ گهاٽَ، جَنِ کي عِشقَ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- گَهرين جٖي گهارِينِ، سي ڪَمِيڻِيُون ڪُوڙِيُون، وِڃائي وَرِي آيُون، مَحَبتَ جُون مُوڙِيُون، جٖي سَنجهي سَنڀوُڙِيُون، ساھَڙُ تَنِي سَڏَ ڪَري.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- لهوارا تان لَکَ، ھُونءَ تان ھُرِڀُ ھيڪِڙو، اُڀِيُون اوٻاھَنِ ۾، جُوٺِيون مارِينِ جَکَ، لُڻِيو اُتِ لَطِيفُ چَئِي، ڪُوڙِيُون ٻَڌَنِ ڪَکَ،…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- ڪُوڙِيُون پُڇَنِ ڪيچُ، ھوتُ نَہ ڏورِينِ ھِتَھِين، جَنِي پُنهونءَ سين پيچُ، تَنِ پيرين پَنڌُ وِسارِئو.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- آرِي ڏي نَہ اِيئَن، اَکڙِيُون اَنڌِنِ کي، وَنِيُون جي وِڇايان، ساڻُ نَہ ھُوندِيُون سِينءَ، سي ڪُوڙِيُون پَسَنِ ڪِيئَن، پيشانِي پُنهونءَ…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]