ڪُنڊَ بابت
معنيٰ
ڪُڙڇَ ، ڪُنجَ. ٻن پاسن يا ٻن ليڪن جي ملڻ واري جاءِ. (اوسي پاسي).
A corner, angle.
بيتن ۽ وائين ۾
- مُون کي جَهلَ مَ پايو، جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي، ھِيءُ جو بارُ ڀَنڀورَ جو، لوٺِيءَ تان سَڀَ لاھِيو، آھي…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ ۾، پاڻان وِئا پَئِي، لوڌِيَڙَنِ لَطِيفُ چئَي، سوڍو ڪِئو سَھِي، مُومَلَ ماڳِ رَھِي، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ ۾، پاڻان وِئا پَري، اُنَ کي ناتَرِ ڪوھُ ڪَري، جي لُڊُوڻِئان لَنگِهي وِئا.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- تو ھَٿَڙا سونَ جا، ڪوھُ نَہ ڪَتين رَڏِ، ويھِي ڪاپو ڪَرِيين نَہ ڪُنڊَ ۾، کَٽِيُون ڳالِهيُون ڇَڏِ، تَہ صَرافاڻي سَڏِ،…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]