ڪَنُ بابت
معنيٰ
ڪڻَو. ٻُڌڻ جو ڪم ڏيندڙ عضوو، آواز ٻڌڻ جو حواسُ، گوشُ، اُذن. توجھ، ڌيان، خيال. ڊپ، ڀؤ، خطرو، انديشو.
Ear, notion, attention, an organ of hearing
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ مَ، ٿا ڪُڇَنِ، اِشارَتُون اُنِ جُون، سُڪُوتا سُڄَنِ، وَٽان ويھِي تَنِ، سُڻُ تَہ سوزُ پِرائِيين.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ٻُڌُ تَہ ٻِيائِي لَھي آئُون اِتِ نَہ آھِ، ڪُڇَڻُ ڪَڍِي لاھِ، ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ مَ، ڪُڇِئائُون، رَھِي نَہ رَتِيءَ جيتَرو، اُنِهين وَٽِ ”آئُون“، وَڍي وِڌائُون، ھُو جو وَڻُ ”ھُئَڻَ“…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڪَڏِھِين پَئِجي ڪَنُ تي، ڪَڏِھِين ٿِيجي واتُ، ڪَڏِھِين ٿِيجي ٻَڪِرو، ڪَڏِھِين ٿِيجي ڪاتُ.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- سَٻيرِيءَ سَيِّدُ چئَي، جَي ٿا پُڇَنِ اَنُ، تَنِ ڪاپَڙِيَنِ ڪَنُ، جوڳِي چائِينِ جاڙَ ٿا.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- سَھِسين مِڙي سِيارِڙا، جَنبُو جاڳَرَ ڪَنِ، ڪيھَرَ ڪَنُ نَہ اُڊَڪي، ڊاءِ ڊِڄي تَنِ، گِدَڙَ مَرُ گِرَنِ، سِينھَن نَہ ڌيڄو دِلِ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- سَنِهيءَ سُئِيءَ سِبِئو، مُون مارُوءَ سين مَنُ، ھَڻِي کَڻَ حِلمَ جا، تَھِ وِڌائُون تَنُ، ڪِيئَن ٽوپايان ڪَنُ، اَباڻِيءَ اِبرَ ري.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- چَشا چائُرَ چُورِما، قِيمو قَليو اَنُ، جيڪِي آڇي سُومَرو، سو مُورِ نَہ باسي مَنُ، پوئِينءَ راتِ پِڙِ پَئي، جَي مُون…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]