ڪَمانَ بابت
معنيٰ
جنگ ۽ شڪار جو هٿيار تير جيان سينڱ، اڌ گولُ، ڌنشُ، وَنگُ. درن ۽ درين مٿان اڌ گول وانگر لڳل ڪاٺي. لوھ جو لچڪيدار ويڙهو، اِسپرنگ.
A spring steel. A bow.

بيتن ۽ وائين ۾
- جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينو سِپَرَ رَکُ، مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، چاڪَ چُٽِڪا چَکُ، سُورِي ڀانءِ مَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينو سِپَرَ ڏيجِ، مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، جهالُو ٿِي جَهليجِ، پاھان پَڳَ مَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ نَئِي ڏِجي سِينو، ڪِجي نَہ ڪِينو، وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، مِيان مارِ مَ مُون، مُون مَنجِهہ آھِين تُون، مَڇُڻ تُنھِنجو ئِي توکي لَڳي.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، ڪو سوڍا ٻِئا سُڄاڻَ، نِسورِيائِي نِينھَن جي، ڪَشِئائِين ڪَمانَ، ڇَڏي وِئا ڇوھَ ۾، دَعوائُون دِيواۡنَ،…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- مُومَلَ ھَٿِ ڪَمانَ، نِسورِيائِي نِينھَن جِي، ھَڻِي حَڪِيمَنِ کي، ٻَنگَ نِهارِئو ٻاڻَ، جَهرَ ڪِئا پَسُ جُوانَ، جَنِ ڪا ڪِئان گهيڙئا…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]