ڪَتي بابت
معنيٰ
ڏاس تيار ڪري، ڪپھ سِڻِي وغيرہ کي ڍيري يا چرخي وسيلي ڌاڳا ٺاھي. وڪڙ ڏيئي ڌاڳو تيار ڪري، سُٽ تيار ڪري، ڌاڳو ٺاهي.
Spin the threads from cotton or furr.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪِي جو زاغَ زَبانَ سين، لَنيو مَٿي لامَ، پھچايائِين پِرِينءَ جا، سَرَتِيُون راتِ سَلامَ، ڪاڪِيُون ڪَتي ڪامَ، تَہ ڪَھِيو سُڻِيان…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪَتي نَہ ڪُوڙِي، پائي ڏوۡرِ اَرٽَ ۾، وِھانءِ جي واڌائِيين، ڀُڻي سَنڀُوڙي، مَٿي جَنھِن مُوڙِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- تو ھَٿَڙا سونَ جا، ڪوھُ نَہ ڪَتين رَڏِ، ويھِي ڪاپو ڪَرِيين نَہ ڪُنڊَ ۾، کَٽِيُون ڳالِهيُون ڇَڏِ، تَہ صَرافاڻي سَڏِ،…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڪَتي ڪَتي ڪالَهہ، اَڄُ نَہ آتَڻِ آيُون، اَرٽَ اُکَلِيَنِ مالَهہ، چَرَکا چوري وييون.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڪَتي مَٽي آيُون، ڪَري تَندُ تَيارُ، اُٽَلَ اوڏاھِين ٿِئي، جيڏانھَن پِرِينءَ پارُ، ڪاپائِتِيءَ قَرارُ، مَنجهان پورِھئي پِرايو.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]