ڪوٺي بابت
معنيٰ
سَڏي، دعوت ڏئي، ڪانڍَ ڏئي، سڏ ڪري، نِينڍَ ڏئي، حاضر ڪرائي، شنوائي تي آڻي.
Invite, call, summon
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪوٺي ڪُھي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُھَڻَ ساڻُ، نيزي ھيٺان نِينھَن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ، ڄُلُ وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ اَجَلَ سامُهُون.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي سو قَرِيبُ، اِھا عادَتَ سِکِئو، ھَر زَمان حَبِيبُ، تِڇي سو طَبِيبُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي سو ڪُھي، سوئِي مُون مُھي، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- سُلطانِي سُلطانُ، ڪَلَنگِيُون جَنِ ڪَپارَ ۾، ڪيڏو شَرَفُ قُرآنَ ۾، شاھَ تُنھِنجو شانُ، ڪوٺي ڪَربَلا ۾، مارِيائُون مِزمانُ، مُنھَن ڪاري…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڪوٺي ڪُٺائُون، اِنَ پَرِ اَکَڙِيُنِ سين، ماسُ وِراھي ھَلِئا، ڪَرنگهَرُ ڇَڏِيائُون، وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ اِيئَن اُتائُون، کِلي گهايائُون، مُرڪِي…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- مَٿا موھَ ٿِيانِ، سَدا سُوائِتا ڪاپَڙِي، ڪوٺي ڪَنھِن نَہ پُڇِئا، تَہ ڪِ اَندَرَ اَندوھِيانِ، جيڪا ڄَمارانِ، سا گُوندَرِين گُذَرِي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- تو ڪوٺي تو ڊوھي، تو ڌِڪي ڪِيَسِ ڌارَ، پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سوڀِيءَ جا سِينگارَ، مَڻِيي مُٺِيَسِ جيڏِيُون، ھائِيءَ وِڌِيَسِ…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- تو ڪوٺي تو ڊوھي، ڏِنو تو ڏُھاڳُ، دوسِتَ تُنھِنجو داسَڙا، دِلِ اَندَرِ مُون داڳُ، ڀانيان سَڀَ سُھاڳُ، جي مُون کي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- توڻي تُون وَڏِي ٿِي، تَہ اُٿِي آتَڻِ آءُ، ٿِيءُ ڀيڙِي ڀيرَمَ وارِيين، ٻِي ھَڏِ ڪَرِ مَ ڪاءِ، تَہ صَرافُ تو…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڪِتُم سَڀَ ڄمارَ، تَہ پانِي پُورِي نَہ ٿِئي، جِيئي مُون ڀَتارُ، جو ڪوٺي ڏِيندُمِ ڪَپِڙا.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- تاڃِي تورِيائُون، نَہ عيبَ نِکَتا اَڳِيان، ڪوٺي ڪاپائِتِيَنِ کي، پَرِ ۾ پُڇِئائُون، اَگَلِي آيُون، مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نَہ ٿِئا.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون کي مارُوءَ جو آسِرو. مارُو مُون نَہ ڇَڏِيندو سُومَرا، ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، قَضا پاڻِ ڪَرِيندو،…[ سُر مارئي - وايون ]