کَلَ بابت
معنيٰ
ڇال، کَلَ بدن جو مٿيون چم، جانور جو، ڇوڙو، ڇوڙي. اڌوڙ، ڇوڏو، ڇِلُ، وڻ جو، ڇلر، ڇلٽو، تھ، ٻوھ.
Skin, bark, rind, shell, husk, crust, a hide generally of a goat or sheep, leather.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَنڌا اُنڌا ويڄَ، کَلَ ڪُڄاڙِئا کانئِيين، اَسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تُون پِياريين پيڄَ، سُورِي جَنِي سيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، اَندَرِ ٿِي اَجَهلَ، ٻَڙَڪِئو ٻاھَرِ نِڪِري، کُوري کانئِي کَلَ، ري سِيراھِيءَ سَلَ، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، بابُو ڪَنِ نَہ بِکِئا ، اِيءَ ويراڳِيَنِ وَلَ، ڪَڏِھِين اُتَرَ سامُھان، ڪَڏِھِين دُونھِيَنِ جَهلَ،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- جوڳي نَہ جاھِلَ، پَنڌُ پَرِيندي سِکِئا، کَسِي ڪَنِ نَہ کَلَ، پُوتا رَھَنِ پِرِينءَ سين.[ سُر پورب - جوڳي ]
- ھَيبَتَ ڪانَہ ھُياسِ، ڪا دِلِ مَٽيندو داسَڙو، پَرُوڙي پِشيمانُ ٿي، جَڏھِن ھَٿان ڳالِهہ وَياسِ، سُورَ پِرايائِين سَيِّدُ چئَي، پوءِ ٿي…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]