کَلَ جي سنڌي معنيٰ
ڇال، کَلَ بدن جو مٿيون چم، جانور جو، ڇوڙو، ڇوڙي. اڌوڙ، ڇوڏو، ڇِلُ، وڻ جو، ڇلر، ڇلٽو، تھ، ٻوھ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Skin, bark, rind, shell, husk, crust, a hide generally of a goat or sheep, leather.
کَلَ جا بيتن ۾ حوالا
مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي،
بابُو ڪَنِ نَہ بِکِئا ، اِيءَ ويراڳِيَنِ وَلَ،
ڪَڏِھِين اُتَرَ سامُھان، ڪَڏِھِين دُونھِيَنِ جَهلَ،
ھُنِ سيڪِيندي ھَٿَڙا، مُون ڳاڙِيندي ڳَلَ،
چِيري چَندَنَ ڪاٺَ جِيئَن، سُورَ ڏِنائُون سَلَ،
مُون کي ڏِنا سَڄَڻين، ريءَ سِيراھِيءَ سَلَ،
ڄَرَ ڄَراٽِيُنِ جِندَڙو، کُوري کانيَنِ کَلَ،
ڪَڏِھِين پيرَ پِيادا، ڪَڏِھِين مَٿي ڀَلَ،
مولِهِيا ماڪَ پُسايا، سِيءَ سُڪايَنِ کَلَ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 13 ]

اَنڌا اُنڌا ويڄَ، کَلَ ڪُڄاڙِئا کانئِيين،
اَسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تُون پِياريين پيڄَ،
سُورِي جَنِي سيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 2 ]

سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، اَندَرِ ٿِي اَجَهلَ،
ٻَڙَڪِئو ٻاھَرِ نِڪِري، کُوري کانئِي کَلَ،
ري سِيراھِيءَ سَلَ، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 7 ]

ھَيبَتَ ڪانَہ ھُياسِ، ڪا دِلِ مَٽيندو داسَڙو،
پَرُوڙي پِشيمانُ ٿي، جَڏھِن ھَٿان ڳالِهہ وَياسِ،
سُورَ پِرايائِين سَيِّدُ چئَي، پوءِ ٿي کَلَ پَٽِئاسِ،
ڪُوَڻَتِ ھارَ ڪِئاسِ، ٿي چَرِي چَنيسَرَ ڄام ري.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 5 ]

جوڳِي نَہ جاھِلَ، پَنڌُ پَرِيندي سِکِئا،
کَسِي ڪَنِ نَہ کَلَ، پُوتا رَھَنِ پِرِينءَ سين.
[ سُر پورب، جوڳي، 16 ]