کِلَنِ جي سنڌي معنيٰ
ٽھڪن، خِوش ٿين، مرڪن، مشڪن، سرهو ٿين، راضي ٿين، نھال ٿين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Laugh, become happy, smile.
کِلَنِ جا بيتن ۾ حوالا
نَہ کِلَنِ نَہ کِينِ ڪِي، نَڪِي ڳالَهائِينِ،
ڪَنھِن جَنھِن ۾ آھِينِ، سا پَرِ پَروڙَڻُ ڏاکَڙو.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 23 ]
ڪَنھِن جَنھِن ۾ آھِينِ، سا پَرِ پَروڙَڻُ ڏاکَڙو.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 23 ]
ساھيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون، کِلَنِ سَڀَ مَٿامِ،
جيڪُسِ ڪَمَ سَندامِ، جُوٺا ڏِٺا جيڏِيين.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 14 ]
جيڪُسِ ڪَمَ سَندامِ، جُوٺا ڏِٺا جيڏِيين.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 14 ]
مُسَنِ مُنھَن سَنِرا، کَرِئا گهَڻو کِلَنِ،
سي تان وِسِرِئَنِ، آئِيا جَنِ ڪَمَنِ لَيءِ.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 15 ]
سي تان وِسِرِئَنِ، آئِيا جَنِ ڪَمَنِ لَيءِ.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 15 ]
خَبَرَ ٿِئي کِلَنِ، سُڻِي ڀَؤُ نَہ ڀَڄِڻان،
چارِيءَ مَٿان چَٿَرُون، پاڻا اُڀا ڪَنِ،
لاکو مَٿان تَنِ، اَڻَ سَنڀُوڙي آيو.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 3 ]
چارِيءَ مَٿان چَٿَرُون، پاڻا اُڀا ڪَنِ،
لاکو مَٿان تَنِ، اَڻَ سَنڀُوڙي آيو.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 3 ]
اَکڙِيُون اَکَڙِيُنِ تي، ڏَمَرَ ڏُکَ ڪَرِين،
جيلاھَ سِڪَڻُ سِکِيُون، تي دَعويٰ مَنجِهہ دَڙِينِ،
کِلَنِ ۽ کَڙِينِ، رُسَنِ پَرچَنِ پاڻَ ۾.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 25 ]
جيلاھَ سِڪَڻُ سِکِيُون، تي دَعويٰ مَنجِهہ دَڙِينِ،
کِلَنِ ۽ کَڙِينِ، رُسَنِ پَرچَنِ پاڻَ ۾.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 25 ]
ڪوجها نَظَرَ ڪَنِ، اَکِيُنِ اَدَبُ ڇڏِئو،
کَرَنِ ساڻُ کِلَنِ، وَھِ پِيو وِڙَنِ سين.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 26 ]
کَرَنِ ساڻُ کِلَنِ، وَھِ پِيو وِڙَنِ سين.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 26 ]
ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ڍَنگهَرَ ڍارَ رَھَنِ،
پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، پَکَي پاندِ پِيَنِ،
ھِنَ کي لوھَ لَطِيفُ چئَي، ھُوءِ کائُرِ مَنجِهہ کِلَنِ،
کاٽُونبا کاڄَنِ، مِينھَن وَسَندا موٽُ تُون.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 3 ]