کاڄُ بابت
معنيٰ
کاڌو خوراڪ، طعام، غذا، گذران، خورش . چوڳ، چوڳو، چوڻو، چارو.
Food, diet, nutriment, nourishment, provisions.
بيتن ۽ وائين ۾
- شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين، آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ، آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، ٽيئي وِڄُنِ جي وَڙاءَ، اُنِ کي جوڙا زَربَفتَ جا، ٻِئا سَهچَنِ سونَ ڪَڙا، کاڄُ کَٿُورِي اُنِ جو،…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- سوئِي اوڇَڻُ اَنڱِڙين، سوئِي کاڄُ سَندونِ، ڪُفُرَ ۽ اِسلامَ کان، پَري پيرُ پِئونِ، اُتي آھيرونِ، جِتي آھِ نَہ ناھِ ڪا.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- کَڻُ بورائُو بازَ کي، ڳِجَهہ مَ ڳَري لاءِ، آھي اِنَ اَنڌِيءَ جِي، جِيفي پاسي جاءِ، کاڄُ اُھوئِي کاءِ، ھُو جو…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون، سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا…[ سُر مارئي - وايون ]
- کاڄُ جَنِي جو کِکِيُون، مالُ جَنِي جا مَڏَ، سَمي سيئِي سيڻَ ڪِئا، ھِيڻا جَنِ جا ھَڏَ، ڄامَ پَرَتِيَئِي لَڏَ، سانگِيَنِ…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]