ڦوڙائو بابت
معنيٰ
جدائي، آراڌي، علحدگي، برھ، وڇوڙو، فراق. عشق جي جدائي. ڏُک، ارمان، غم، رنج.
Separation from a loved object, the pangs of such separation.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪيچِي ڪالَهہ ڪَھِي وِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ، جاڳان تان جيڪِي ٿِئو، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ سَندِيءَ ذاتِ،…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڳائو نَہ وائو ، اَدِيُون آرِيچَنِ جو، لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، رِڻُ ڇَڏي رائو، ڏيئِي ڦوڙائو، وِئا ويچارِيءَ سُپِرِين.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- ڦِٽو ڦوڙائو، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو، مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، ڏُوران ڏيکائو، ھِينئَڙو اَڳَ ڍائو ، ويتَرِ پِرِيَنِ پَراھِئو.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- جِيئَن سو تَئِئَ تَرو، کامي کُوري وِچَ ۾، مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، مَنجهان سِڪَ سَرو، وَرُ جِهيڻو ٻَرو، مَ ڦوڙائو…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- پِرِيَنِئُون پوءِ، موٽِي موٽِي نَہ وِھاءِ راتِ، راھَ رَمَندَڙِي روءِ، ڦوڙائو فَقِيرِ کي، قادِرَ ڪوھُ ڏِنوءِ، چَڙِهئا ڏاڍين ڏُونگَرين، سيڻَنِ…[ سُر آسا - وايون ]
- ڍَٽين پَٽين ڍيرَ، مَھِيَرَ مارُوئَڙَنِ جا، پائُرُ سَڀَ پَچِي پِئو، گهَرِ گهارِيندِي ڪيرَ، جَنِ ھيڪاندِيءَ ھيرَ، تَنِ ڦوڙائو مَ ڏيِين[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- ٿَرِ جَي ٿوڪَ ٿِيَنِ، سي جَي پَسِين سُومَرا، ھِڪُ مَوتُ ٻِئو ڦوڙائو، ٽِئو ساڻيھَ کي سِڪَنِ، تُون ڪِيئَن مَٿان تَنِ،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]