ڦوڙائو جي سنڌي معنيٰ
جدائي، آراڌي، علحدگي، برھ، وڇوڙو، فراق. عشق جي جدائي. ڏُک، ارمان، غم، رنج.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Separation from a loved object, the pangs of such separation.
ڦوڙائو جا بيتن ۾ حوالا
ڪيچِي ڪالَهہ ڪَھِي وِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ،
جاڳان تان جيڪِي ٿِئو، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ،
ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ سَندِيءَ ذاتِ،
رَفِيعُ الدَرَجاتِ، پَرمَلُ پُنهون ميڙِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 9 ]
جاڳان تان جيڪِي ٿِئو، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ،
ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ سَندِيءَ ذاتِ،
رَفِيعُ الدَرَجاتِ، پَرمَلُ پُنهون ميڙِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 9 ]
ڳائو نَہ وائو ، اَدِيُون آرِيچَنِ جو،
لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، رِڻُ ڇَڏي رائو،
ڏيئِي ڦوڙائو، وِئا ويچارِيءَ سُپِرِين.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 1 ]
لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، رِڻُ ڇَڏي رائو،
ڏيئِي ڦوڙائو، وِئا ويچارِيءَ سُپِرِين.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 1 ]
ڦِٽو ڦوڙائو، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو،
مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، ڏُوران ڏيکائو،
ھِينئَڙو اَڳَ ڍائو ، ويتَرِ پِرِيَنِ پَراھِئو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 14 ]
مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، ڏُوران ڏيکائو،
ھِينئَڙو اَڳَ ڍائو ، ويتَرِ پِرِيَنِ پَراھِئو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 14 ]
جِيئَن سو تَئِئَ تَرو، کامي کُوري وِچَ ۾،
مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، مَنجهان سِڪَ سَرو،
وَرُ جِهيڻو ٻَرو، مَ ڦوڙائو سَڄَڻين.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 6 ]
مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، مَنجهان سِڪَ سَرو،
وَرُ جِهيڻو ٻَرو، مَ ڦوڙائو سَڄَڻين.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 6 ]
پِرِيَنِئُون پوءِ، موٽِي موٽِي نَہ وِھاءِ راتِ،
راھَ رَمَندَڙِي روءِ،
ڦوڙائو فَقِيرِ کي، قادِرَ ڪوھُ ڏِنوءِ،
چَڙِهئا ڏاڍين ڏُونگَرين، سيڻَنِ سانگُ نَہ ڪوءِ،
اَچي اوراھُون ٿِئي، سَيِّدَ سانگُ سَندوءِ.
[ سُر آسا، وايون، 1 ]
راھَ رَمَندَڙِي روءِ،
ڦوڙائو فَقِيرِ کي، قادِرَ ڪوھُ ڏِنوءِ،
چَڙِهئا ڏاڍين ڏُونگَرين، سيڻَنِ سانگُ نَہ ڪوءِ،
اَچي اوراھُون ٿِئي، سَيِّدَ سانگُ سَندوءِ.
[ سُر آسا، وايون، 1 ]
ڍَٽين پَٽين ڍيرَ، مَھِيَرَ مارُوئَڙَنِ جا،
پائُرُ سَڀَ پَچِي پِئو، گهَرِ گهارِيندِي ڪيرَ،
جَنِ ھيڪاندِيءَ ھيرَ، تَنِ ڦوڙائو مَ ڏيِين
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 16 ]
پائُرُ سَڀَ پَچِي پِئو، گهَرِ گهارِيندِي ڪيرَ،
جَنِ ھيڪاندِيءَ ھيرَ، تَنِ ڦوڙائو مَ ڏيِين
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 16 ]
ٿَرِ جَي ٿوڪَ ٿِيَنِ، سي جَي پَسِين سُومَرا،
ھِڪُ مَوتُ ٻِئو ڦوڙائو، ٽِئو ساڻيھَ کي سِڪَنِ،
تُون ڪِيئَن مَٿان تَنِ، عُمَرَ اَلولا ڪَرِين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 14 ]