ڏَڏَنِ بابت
معنيٰ
جاهلن. اَڻ ڄاڻُن، بي سمجهن، بي عِلمن، اڻ پڙهيلن، اَناڙين، بي وقوفن، نادانن، مورِکن، ڄَٽن. جَڏن، جَڏالن، مُڏن، موڳن.
Stupids, Quacks, mountebanks.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪُٺِيَسِ ڪُويڄَنِ، تَنَ طَبِيبَ نَہ گَڏِئا، ڏيئِي ڏَنڀَ ڏَڏَنِ، پاڻان ڏِيلُ ڏُکويو.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ڏَڏُ وَڏو گهُري، ھوتاڻِيءَ ھَٿان، سَمي سَخاوَتَ جو، گِيرَبُ نَہ گاءُ، جاءُ وَھِلو آءُ، ڏي ڏانُ ڏَڏَنِ کي.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جيڪي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجهائِين ڳُجَهہ ۾، سو جو سُڻِين ڪَڏِھِين، ڪِيرَتِ وارا ڪي، تَہ سازَ مِڙيئِي سي، پِٿُون ڪَنِ پَلڪَ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- مُنجِهي ويھُ مَ مَڱڻا، ڪَنجِهيَنِ لاھِ ڪَسُ، ٻيلي ۾ ٻاجهُون ٿِيُون، رِڙھِي رُونجهاڻِيءَ رَسُ، پاٺَ پَهرئا پَسُ، ڏَڏَنِ ڏاتِيُون لَڌِيُونۡ.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- چوٽاڻِي چوٽَ وَھي، سُڪا سانگَ ڀَري، ڪوڏَئُون ڏانَ ڏَڏَنِ کي، سَٻَڙُ سَھجِي ڏي، اِنَ راھَ مَٿي رُونجهي، ماڻِڪَ اُڇِلئا مِينھَن…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- وَڏَڙا ڏانَ ڏِنائِين، کَنيائِين رَختُ ريزالَنِ جو، ڏاتِيُوم ڏي ڏَڏَنِ کي، سونُ سَراھِيُون سائِين، اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏُ وِڌائِين،…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]