ڌَڪَ بابت
معنيٰ
زخم، ڦَٽَ، رَهڙَ، گهاءَ. سَٽِڪا. ٺوڪرون، ٺينسون، چِپيٽَ، پڇاڙَ ٺوڪَ، ٽَڪَر. صدما، نقصان، ڇيھا، زيان، تاوان. برباديون، نااُميديون.
Blows, injuries, strokes, hurt, wounds, bruises, shocks, strokes of misfortune, losses, damages.
بيتن ۽ وائين ۾
- پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين ڌَڪَ ڌُئَن، ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ، ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا، ڪَندا ڪونَہ فَرَقُ، مُون کي ٿِئا مَرَڪُ، سُپيرِيان جا ڌَڪَڙا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- سِرُ سانڌاڻِ ڪَري، پُڇِجِ گهَرُ لُھارَ جو، ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، مانَ گَڏينِئِي رُڪَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- سَھي جِيئَن سانڌاڻِ، ڌَڪَنِ مَٿي ڌَڪَڙا، وَھِ وِڃايو پاڻُ، ڏي ڏَوائُون ڏُڱِرين.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ڀَڳو آئُون نَہ چَوان، مارِيو تَہ وِسَھان، ڪانڌُ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندِي سُونھان، تَہ مَرُ لَڄَ مَران، جي ھُونِسِ پُٺِ…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا، وَمَ وِھاٽِي ووڙي، ڪوھِيارِي ڪِڙڪَ، ڌَڙَ ڌُوڻِئو تَنھِن ڌَڪَ، جَڏِي جِيئَڻُ نَہ ٿِيي.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- پاڙِيچِيءَ روئِي، چاڪَ مُنھِنجا چورِئا، پَگهَرُ وِجهَندِيَسِ پِرِينءَ جو، ڌَڪَنِ ۾ ڌوئِي، ساجَنَ سَڀوئِي، ساھُ اَوِھان تان صَدقي.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- چاڪَ اُڀرِئا، ڪُو ماڻا ڪَڙِيُون ڪَري، لَڳي ڌَڪَ لَڪَنِ سين، چُرِي چاڪَ پِئا، ڏيرَنِ ٻِئا ڏِنا، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ھئَي ھئَي حادِثو، ھوتَ ھَلَندي جو ڪِئو، ايڏو ڪَرٽُ قُلُوبَ ۾، ڪَڏِھِين ڪو نَہ پِئو، مَرَڻُ ماڳِ ٿِئو، نِڌَڪَ ساھُ…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- اُوٺِي مَٿي لَڪَ، مُون ٻاروچا ڀانيا، تازو پيرُ پُنهونءَ جو، نَہ ڪَنھِن جهورِئو جَهڪَ، مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ڌَڙُ ڌُڻِئو…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]