ڊَڀَ بابت
معنيٰ
دوا، چَوَڙن، رَسوَل، سُرخيءَ وغيرہ مان ٺاهيل دارون، ڦُڙو، سُتي، علاج. ٻوٽي يا گاھ جو هڪ.
Medicine, drug, remedy, a plant
بيتن ۽ وائين ۾
- تَنَ طَبِيبَ نَہ تُون، سُڌِ نَہ لَھين سُورَ جِي، سانڍِ پَنھِنجا ڊَڀَڙا، کَڏَ کَڻِي ۾ ڀُون، ڪانَہ گُهرِجي مُون، حَياتِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، دُورِ ڪَري ٻِئا ڊَڀَڙا، آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ، صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- اِبرَ دانائي جٖي، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين، ھارِئا تَنِي تي، ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا، ڪَندا ڪونَہ فَرَقُ، مُون کي ٿِئا مَرَڪُ، سُپيرِيان جا ڌَڪَڙا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ھُئَين تَہ ويڄَنِ وَٽِ، تُون ڪِيئَن جِيءَ جَڏو ٿِئَين، سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، ڪوھُ نَہ ڪِيَئِي ڊَڀَڙا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- وِرسِئا ويڄَ ويچارا، ڀُلئا ويڄَ ويچارا، دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو، اُٿِئو ويڄا مَ وِھو،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]