چانئُٺِ بابت
معنيٰ
دروازو، اندر گهڙڻ جي جاءِ.
A threshold, sill of a door.
بيتن ۽ وائين ۾
- وانءُ وَڃِي وانئُٺِ، ھِينئَڙا ماڳُ پِرِيَنِ جو، چُمِيو چُمُ چانئُٺِ، ھُوءَ جا سَندِي سَڄَڻين.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- جَي تُون آسائو آھِين، تَہ چانئُٺِ ٻِي مَ چوڙ، ڪِيرا ڪُميتَنِ جا، کَٽِي آڻي کوڙِ، اِنَ دَرِ عِراقِي گَهڻا، تُون…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- کَڙَھَ اَڳِئان کَپُ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جي، لاھِ مَ لَنگها لِکَ سِينءَ، مَٿان چانئُٺِ چِتُ، مَڱڻَھارَنِ مَپُ، ڪِيرَتِ ريءَ ڪو نَہ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- داتا سَندي دَرَ تي، پَلَيءِ پاتائُون، وَٽِئائِين جي وِڙَنِ سين، اَمُلَ آندائُون، کَنڊُون کاڌائون، پائي چَڪُ چانئُٺِ ۾.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]