چانئُٺِ جي سنڌي معنيٰ
دروازو، اندر گهڙڻ جي جاءِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A threshold, sill of a door.
چانئُٺِ جا بيتن ۾ حوالا
وانءُ وَڃِي وانئُٺِ، ھِينئَڙا ماڳُ پِرِيَنِ جو،
چُمِيو چُمُ چانئُٺِ، ھُوءَ جا سَندِي سَڄَڻين.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 29 ]
چُمِيو چُمُ چانئُٺِ، ھُوءَ جا سَندِي سَڄَڻين.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 29 ]
جَي تُون آسائو آھِين، تَہ چانئُٺِ ٻِي مَ چوڙ،
ڪِيرا ڪُميتَنِ جا، کَٽِي آڻي کوڙِ،
اِنَ دَرِ عِراقِي گَهڻا، تُون ڇانگُون ڪِئو ڇوڙِ،
تَنھِن سَيِّدَ وَڏِي سوڙِ، جَنھِن ۾ مَٿو ھَنيو مَڱڻين.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 22 ]
ڪِيرا ڪُميتَنِ جا، کَٽِي آڻي کوڙِ،
اِنَ دَرِ عِراقِي گَهڻا، تُون ڇانگُون ڪِئو ڇوڙِ،
تَنھِن سَيِّدَ وَڏِي سوڙِ، جَنھِن ۾ مَٿو ھَنيو مَڱڻين.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 22 ]
کَڙَھَ اَڳِئان کَپُ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جي،
لاھِ مَ لَنگها لِکَ سِينءَ، مَٿان چانئُٺِ چِتُ،
مَڱڻَھارَنِ مَپُ، ڪِيرَتِ ريءَ ڪو نَہ ٻِئو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 18 ]
لاھِ مَ لَنگها لِکَ سِينءَ، مَٿان چانئُٺِ چِتُ،
مَڱڻَھارَنِ مَپُ، ڪِيرَتِ ريءَ ڪو نَہ ٻِئو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 18 ]
داتا سَندي دَرَ تي، پَلَيءِ پاتائُون،
وَٽِئائِين جي وِڙَنِ سين، اَمُلَ آندائُون،
کَنڊُون کاڌائون، پائي چَڪُ چانئُٺِ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 35 ]
وَٽِئائِين جي وِڙَنِ سين، اَمُلَ آندائُون،
کَنڊُون کاڌائون، پائي چَڪُ چانئُٺِ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 35 ]
English Meaning
A threshold, sill of a door.