ڀَنڀورُ بابت
معنيٰ
سنڌ جو ھڪ قديم شھر، جنھن ۾ سسئي رھندي ھئي. (اصل لفظ بَن بِھارُ Van Vihara = ٻُڌ ڌرم جي مندر جو نالو، جنھن پويان سنڌ جي هن قديم شهر جو مقامي سنڌي نالو ”بنڀور“ مشهور ٿيو ۽ ٻاهرينءَ دنيا ۾ ”ديبل“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو.) اڄ ان جا کنڊر ٺٽي ضلعي ۾ گهاري جي ڳوٺ کان ٻہ ميل کن اولھہ طرف آھن.
Banbhore is located on the Northern Bank of Gharo Creak, 65 Kilometre East of Karachi. This is one of old cities in Sindh, where Sassi was born.

بيتن ۽ وائين ۾
- ڀَنڀو جو ڀَنڀورُ ۾، ڪاڪُل ڏِٺُمِ ڪالَهہ، ھاءِ تَنِي جي حالَ، زُلفَ جي زافُ ڪِيُون.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، جابِرَ ڪَري زورُ، بيدِي ٿِئو ڀَنڀورُ، حَشَرُ ڪَري ھَلِئا.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- نَڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو، ھُورُ مِڙيوئِي ھِنَ کي، ھوتَنِ ڪونِهي ھورُ، زارِيءَ ڌاران زورُ، ھَلي ڪونَہ حَبِيبَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ڪو گهُمَندي گهورُ، آيُمِ ٻاروچَنِ جو، ڇَڏِيندِيَسِ ڀَنڀورُ، ھِنيُون ھِتِ نَہ وِندُري.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ڇڏِئو جَنِ ڀَنڀورُ، ڇَپَرُ تَنِ کي ڇاڙِڪِي، ھَمَ غَمَ لَٿَنِ ھور، وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- اُجاڙان ڀَنڀورُ، سَرَتِيُون سَکَرُ ڀانيان، آرِياڻِي اَتورُ، ڏِٺُمِ جِتِ اَکِيُنِ سين.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- گهورِئو ھِيءُ ڀَنڀورُ، مُون سَگُ ٻاروچَن سين، آھي آرِيچَنِ جو، ديوانِيءَ کي دورُ، سَندو ھوتَنِ ھورُ، مَرڪُ ٿِئو مَعذُورِ کي.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- بُرو ھو ڀَنڀورُ، آرِياڻِيءَ اُجارِئو، لاٿو سَڀَ ڪَنھِن لوڪَ تان، ھاڙِي ڌَڻِيءَ ھورُ، ڇورِيُون ڇُرَڻُ سِکِيُون، پُنهون مُنھِنجو پورُ، آيو…[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ڀُلِئو سَڀَ ڀَنڀورُ، جو پُٺِيءَ ھوتَ نَہ ھَلِئو، شَھَرَ سُڃاتو ڪِينَڪِي، آرِياڻِي اَتورُ، مارِئو تَنِي مورُ، جَنِي، ديکِئو دِلِ سين.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]