ڀيلو بابت
معنيٰ
اَڻ پَڪل، ڪچو، اَنڪو مٽيءَ جو ٿانءُ، دِلو، مٽ وغيرہ.
Raw, made by raw and salty soil.
بيتن ۽ وائين ۾
- پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وَڃُ، ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ ۾.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڀانيُمِ نَہ ڀيلو، مُون کي ڌاءَ ڌُتارِئو، آکي مَٿي اُسِري، ڏِنو رُوحَ ريلو، تيلاھِين ويلو، پِيُمِ واھُڙَ وِچَ ۾.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- پَڪا رَڇَ ڪُنڀارَ جا، پَڪِي نِھائين، مُون کي تِئائيِن، ڀيلو ئِي ڀاڱي پِئو.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو پِئو ڀُرِي، سارَ ڇَڏِيائُون سِيرَ ۾، ڪا ٻانھُنِ کي ٻُرِي، لَٽي لَهرِيُون وييُون، چَوڌارِي چُرِي،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو پِئو ڀَڄِي، ماھِيَتَ مَلَڪُ الَموتَ جِي، مَنجِهہ وُجُودَ وَڄِي، ساھَڙَ کي سَڄِي، آکي جي اَحوالَ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو سَھي نَہ ڀَرُ، ھَٿين پيرين آڱُرِيين، ٻانھُنِ ڇڏِئو ٻَرُ، ساھَڙَ سِگهو وَرُ، پييَسِ مُنھِن مَھِراڻَ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]