پُراڻا بابت
معنيٰ
جهُونا، قديم، ڪھنا، آڳاٽا. گهڻن ڏينھن جا. ڪم آندل، واپرايل، زبون. پوڙها، اڳئين نموني جا.
Old, ancient spoken of in animate things only.
بيتن ۽ وائين ۾
- مُون ٿي چَيُئِي ڪانڌَ، ڀُتِي ڀاڙِ مَ مَڪُڙِي، سِڙَه پُراڻا پاندَ، لَهرِيُون صَحِي لَڳندِيُون.[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- جُهونُو ٿِئو جَھازُ، سَٽَ نَہ سَھي سِڙَه جِي، پَڳهَہ پُراڻا ٿَئا، سَڙِيو سَڀوئِي سازُ، مُعلَمُ ٿِئو مُحتاج، ٻيڙو وَسِ ٻِيَنِ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- راڻا نَہ ڄاڻان، تَہ ڪِيئَن وِڏوھِيين وَلَها، پيئِي کيھَ کَٽُنِ تي، ٿِئا پَلَنگَ پُراڻا، جايُون گُلَ زَباتَ وَڻَ، تو ريءَ…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- پيرين پُراڻا کيٿِڙا، سُڪا مُنھَن سَنڊَن، سا جُوءِ ڏوري آيا، سُونھان جِتِ مُنجهَنِ، ڳُجهان ڳُجِهيُون ڪَنِ، تِھان پَراھين پَنڌَ جُون.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- پَٽَ پُراڻا وَسِئا، اَچِي چَيائُون، ڏَنئُرا پُسِي ڏيھَ ۾، ساماڻُون سائُون، هِتِ هيڪَلِيِ آئُون، هُتِ سَڳَرَ ساهيڙِيُنِ جا.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]