پُراڻا جي سنڌي معنيٰ
جهُونا، قديم، ڪھنا، آڳاٽا. گهڻن ڏينھن جا. ڪم آندل، واپرايل، زبون. پوڙها، اڳئين نموني جا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Old, ancient spoken of in animate things only.
پُراڻا جا بيتن ۾ حوالا
مُون ٿي چَيُئِي ڪانڌَ، ڀُتِي ڀاڙِ مَ مَڪُڙِي،
سِڙَه پُراڻا پاندَ، لَهرِيُون صَحِي لَڳندِيُون.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 1 ]
سِڙَه پُراڻا پاندَ، لَهرِيُون صَحِي لَڳندِيُون.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 1 ]
جُهونُو ٿِئو جَھازُ، سَٽَ نَہ سَھي سِڙَه جِي،
پَڳهَہ پُراڻا ٿَئا، سَڙِيو سَڀوئِي سازُ،
مُعلَمُ ٿِئو مُحتاج، ٻيڙو وَسِ ٻِيَنِ جي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 10 ]
پَڳهَہ پُراڻا ٿَئا، سَڙِيو سَڀوئِي سازُ،
مُعلَمُ ٿِئو مُحتاج، ٻيڙو وَسِ ٻِيَنِ جي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 10 ]
راڻا نَہ ڄاڻان، تَہ ڪِيئَن وِڏوھِيين وَلَها،
پيئِي کيھَ کَٽُنِ تي، ٿِئا پَلَنگَ پُراڻا،
جايُون گُلَ زَباتَ وَڻَ، تو ريءَ ڪُوماڻا،
ڌَرِيائِي ڌورا ٿِئا، وَرَ ري وِھاڻا،
مَينڌَرا ماڻا، تو ريءَ ڪَندِيَسِ ڪَنِ سين.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 10 ]
پيئِي کيھَ کَٽُنِ تي، ٿِئا پَلَنگَ پُراڻا،
جايُون گُلَ زَباتَ وَڻَ، تو ريءَ ڪُوماڻا،
ڌَرِيائِي ڌورا ٿِئا، وَرَ ري وِھاڻا،
مَينڌَرا ماڻا، تو ريءَ ڪَندِيَسِ ڪَنِ سين.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 10 ]
پيرين پُراڻا کيٿِڙا، سُڪا مُنھَن سَنڊَن،
سا جُوءِ ڏوري آيا، سُونھان جِتِ مُنجهَنِ،
ڳُجهان ڳُجِهيُون ڪَنِ، تِھان پَراھين پَنڌَ جُون.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 28 ]
سا جُوءِ ڏوري آيا، سُونھان جِتِ مُنجهَنِ،
ڳُجهان ڳُجِهيُون ڪَنِ، تِھان پَراھين پَنڌَ جُون.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 28 ]
پَٽَ پُراڻا وَسِئا، اَچِي چَيائُون،
ڏَنئُرا پُسِي ڏيھَ ۾، ساماڻُون سائُون،
هِتِ هيڪَلِيِ آئُون، هُتِ سَڳَرَ ساهيڙِيُنِ جا.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 7 ]
ڏَنئُرا پُسِي ڏيھَ ۾، ساماڻُون سائُون،
هِتِ هيڪَلِيِ آئُون، هُتِ سَڳَرَ ساهيڙِيُنِ جا.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 7 ]
English Meaning
Old, ancient spoken of in animate things only.