پَرَکَ بابت
معنيٰ
چوڌاري نگاھ، چوطرف اک ڪريان، جانچي نھاريان
Watch, observe
بيتن ۽ وائين ۾
- ايڪُ قَصَرُ دَرَ لَکَ، ڪوڙيِين سَھسَ کڙَڪِيُون، جاڏي ڪَرِيان پَرَکَ، تاڏي صاحِبُ سامُهُون.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- اِھَڙِيُون اوري ڇَڏي، وِئا لاھُوتِي لَکَ، پايو پِٽِينِ ويٺِيُون، ڪاڪِ ڌَڃاڻِيُون ڪَکَ، پيئِي اِيءَ پَرَکَ، تَہ سوڍِيُون سِجهائِي ھَلِئا.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- پيئِي جَنِ پَرَکَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي، واري سڄي وَرَقَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- راھُو تُنھِنجي رِيتِ، پَرَکَنڊينَ پَڌِرِي، گَهڻا گهوڙي چاڙِھئا، تو مُسافِرَ مَسِيتِ، پُڇِين ڪانَہ وِڏِيتِ، جي آئِيا سي اگهِئا.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾، عَيبَنِ لَکَ، ھِنَ مُنھِنجي حالَ جِي، توکي سَڀَ پَرَکَ، ڪارَڻِ رَب اَلَکَ، مَڇُڻِ ماڱَرِ…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]