پَرَديسان بابت
معنيٰ
پرديس کان، پرڏيھ کان، ولايت کان.
From the other country.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِتِ، جاجِڪُ اُڀو جِتِ، سِرَ جُون صَدائُون ھَڻي.[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِيءُ، مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ، وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، آيُسِ موچارِيءَ ماھَ، جَي وِھاڻِيءَ ويرَمَ ڪَرِين، مُون ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ، سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڳالِهہ ھِنيَين سين…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، سُڻِي آيُسِ شانُ، مَڱان ڪِھَڙِيءَ مَتِ سين، آئُون نِسورو نادانُ، سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ جو طَمَعَ کي…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]