پَرَديسان جي سنڌي معنيٰ
پرديس کان، پرڏيھ کان، ولايت کان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
From the other country.
پَرَديسان جا بيتن ۾ حوالا
پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِتِ،
جاجِڪُ اُڀو جِتِ، سِرَ جُون صَدائُون ھَڻي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 3 ]
جاجِڪُ اُڀو جِتِ، سِرَ جُون صَدائُون ھَڻي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 3 ]
پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِيءُ،
مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ،
وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 4 ]
مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ،
وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 4 ]
پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، آيُسِ موچارِيءَ ماھَ،
جَي وِھاڻِيءَ ويرَمَ ڪَرِين، مُون ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ،
سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڳالِهہ ھِنيَين سين لاءِ،
سو مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جَو وِچان ويرِيَنِ آيو.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 5 ]
جَي وِھاڻِيءَ ويرَمَ ڪَرِين، مُون ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ،
سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڳالِهہ ھِنيَين سين لاءِ،
سو مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جَو وِچان ويرِيَنِ آيو.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 5 ]
پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، سُڻِي آيُسِ شانُ،
مَڱان ڪِھَڙِيءَ مَتِ سين، آئُون نِسورو نادانُ،
سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ جو طَمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 6 ]
مَڱان ڪِھَڙِيءَ مَتِ سين، آئُون نِسورو نادانُ،
سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ جو طَمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 6 ]
English Meaning
From the other country.