پيشِ بابت
معنيٰ
اڳيان، سامهون، آڏو. روبرو، حاضر.
In front, in presence.
بيتن ۽ وائين ۾
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويھُ دُکاڻُ، پَئِج پيشِ پِرِيَنِ جي، پِٽي وِجِهي پاڻُ، تَہ تُون تَنِي ساڻُ، سَدا ھُئين سُرخُرُو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- ڪُڄاڙو ڏيئِي، آئُون مِڙَندِي پِرِينءَ کي، سِرُ ٿِي سُنَتَ ڀانيان، سَڃِينديَس سوئِي، اوڙَڪِ اُھوئِي، وِجَهندِيَسِ پيشِ پُنهونءَ جي.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ڪَمِ نَہ ڪُنماٽِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي، پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- پاسِنگُ جَنھِن پيشِ ڪِئو، تَنھِن ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ، مَٿو نيئِي ماچَ، وَڃِي ڏُورِ ڏُکُ ٿِئو.[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چانڪِ چَڙَھَندِيَسِ کَٽَ تي، ريجهائِيندِيَسِ راءُ، اِھڙوئِي اللهُ، پورِھِيَتُون ٿو پيشِ ڪَري.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- پاٻوڙو پيشِ ڪِئو، نَئُون نُورِيءَ نيئِي، حاضُرُ ھُيُون ھَڪِيُون، سَمِيُون سَڀَيئِي، نَوازي نيئِي، گاڏي چاڙِھي گَندَرِي.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]